تازه ترين

سڪيورٽي فورسز جو پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن، هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 جوان شهيد

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز  پشاور جي  علائقي حسن خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران  هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، چار جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي  پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ کي سخت ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا چار جوان به شهيد ٿي ويا. شهادت ماڻيندڙن ۾ صوابي سان تعلق رکندڙ 34 ورهين جو سپاهي محمد ادريس، 34 ورهين جو ڪوٽاٽ واسي سپاهي بدام گل، 38 ورهين جو سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ سي ٽي ڊي ڪي پي جو اسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون