تازه ترين

سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي افغان مان دهشتگردن  جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي افغان مان دهشتگردن  جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ستن دهشتگردن جي چر پُر جي ڄاڻ ملڻ تي اتر وزيرستان جي علائقي اسپن غلام خان ۾ ڪارروائي ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد مليو آهي. آءِ ايس پي آر موجب  پاڪستان بار بار افغان عبوري حڪومت کان اثرائتي بارڊر مينجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اميد ته افغان عبوري پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ پاڪستان خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جو استعمال روڪيندي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ جو عزم رکي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24 ° C
24 °
24 °
36 %
2.2kmh
70 %
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون