- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران افغانستان مان هٿيار پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز 8 جنوري تي غلام خان بارڊر ٽرمينل وٽ هٿيارن سان ڀريل ٽرڪ قبضي ۾ وٺي پرڏيهي هٿيارن جي وڏي کيپ پڪڙي ورتي.
سڪيورٽي ذريعن موجب، ٽرڪ ۾ جديد پرڏيهي هٿيار ۽ ميگزين هٿ ڪيا ويا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿ آيل پرڏيهي هٿيارن ۾ 26 ايم 16 رائفلون، ايم 4 رائفلن جون 292 ميگزين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ گوليون شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب، ڪلاشنڪوف جون 9 ميگزين ۽ 244 گوليون به پڪڙيل هٿيارن ۾ شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پڪڙيل هٿيارن ۾ لائن مشين گن جون 744 گوليون پڻ شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب، هٿ ڪيل هٿيار ٽرڪ ۾ ڊرائيور ڳجهن خانن ۾ لڪايا هئا، اهي هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻا هئا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا دهشتگردن وٽان پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن…………- Advertisement -
