- Advertisement -
سڳيون ويجهو نينگر مبينا طور غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ نواڙو شريف جي واسي 16سالن جي غفار اوٺي زھريلي دوا پي ڇڏي.
وارثن نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
16سالن جي غفار اوٺي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر مبينا طور غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي.- Advertisement -
