شام جي شهر حمص ۾ فوجي اڪيڊمي تي ڊرون حملي ۾ هڪ سئو ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب، ڊرون حملو فوجي اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ ڪيو ويو .
عرب ميڊيا موجب، حملي ۾ مارجي ويل ۽ زخمين ۾ فوجي آفيسر، اهلڪار ۽ شامي شهري شامل آهن.
حملي کان ڪجهه دير پهريان شامي بچاءَ وارو وزير تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس موٽي ويو هو.
شام جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آحي ته مارجي ويل ۾ شامي فوجي ۽ شهري شامل آهن، فلحال حملي جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول نه ڪئي آهي.