- Advertisement -
شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي بمباري جو جواب، ايران، اسرائيل تي سڌو سنئون حملا ڪري ڏنا، ايران پهريان 136 ڊرون اماڻيا بعد ۾ ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل به فائر ڪيا، حملي کانپوءِ اسرائيل جو دفاعي نظام متحرڪ ٿي ويو، اسرائيلي فوج ۽ آمريڪي اختيارين اسرائيل تي ايران جي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي، حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول، اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري پناهگاهون کوليون ويون، اسرائيل طرفان اردن ۽ شام ۾ ايراني ڊرون ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، عالمي ميڊيا جو چوڻ آهي ته درجنن جي تعداد ۾ ايراني ڊرون حملن کي ناڪاره بڻايو ويو.
شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي بمباري جو جواب ڏيندي ايران، اسرائيل تي سڌو سنئون حملا ڪري ڏنا.
ايران پهريان 136 ڊرون اماڻيا بعد ۾ ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل به فائر ڪيا.
ايران اسرائيلي دفاعي ٿاڪن کي نشانو بڻايو آهي، گولان جي جبلن ۽ شام ويجهو اسرائيلي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو هدف بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو، اسرائيلي هوائي اڏن کي خيبر ميزائلن سان ٽارگيڙ ڪيو آهي.
حملي کانپوءِ اسرائيل جو دفاعي نظام متحرڪ ٿي ويو.
اسرائيلي فوج ۽ آمريڪي اختيارين اسرائيل تي ايران جي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي.
حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول آهي.
اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري پناهگاهون کوليون ويون.
اسرائيل طرفان اردن ۽ شام ۾ ايراني ڊرون ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
عالمي ميڊيا جو چوڻ آهي ته درجنن جي تعداد ۾ ايراني ڊرون حملن کي ناڪاره بڻايو ويو……….- Advertisement -
