- Advertisement -
شاهپورجهانيان پوليس مقابلي بعد ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي جڏهن ته هڪ ڄڻو فرار ٿي ويو.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته گشت ڪندڙ اهلڪارن جو سنگراهه موريءَ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل 3 هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻه ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو فرار ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي سندن قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شاهپور جهانيان اسپتال منتقل ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ لاءِ آءِءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سان رابطو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ڏوهاري جي گرفتاري علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
