شاھد آفريدي ۽ سنيل شيٽي جي ملاقات واري وڊيو وائرل ٿي وئي
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاھد آفريدي جي بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي سان ملاقات ٿي آھي.
شاھد آفريدي امريڪا ۾ ڀارتي اداڪار سنيل شيٽي سان ملاقات ڪئي جنھن دوران شاھد آفريدي سنيل شيٽي سان پنھنجي ڌيئرن جو تعارف ڪرايو.
اڳوڻي ڪپتان شاھد آفريدي ۽ سنيل شيٽي سان ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي جنھن ۾ کين سنيل شيٽي کان ڌيئرن جو تعارف ڪرائيندي ڏسي سگھجي ٿو.