شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائس چانسلر يونيورسٽي جي رجسٽرار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

- Advertisement -
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائس چانسلر يونيورسٽي جي رجسٽرار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي رجسٽرار نظير منڱڻيجو کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو نذير منڱڻيجو کي ھٽائي ڪري سندس جاءِ تي 60 ڏينهن لاءِ فزڪس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي کي يونيورسٽي جو رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ يونيورسٽي جي معاملن ۾ غيرقانوني طور مداخلت، وڏي پئماني تي تعليمي نقصان ۽ عوامي شڪايتن جو سبب ڄاڻائي رجسٽرار کي تبديل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نذير منڱڻيجو ڪجھ ڏينھن اڳ امتحانن جي جاري شيڊيول بعد به گرمي جو سبب ڄاڻائي 8 جون بجائي 3 جون کان موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. نذير منڱڻيجو پاران جاري ڪيل موڪل جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد مين گيٽ ٻاهران ويهي ڪري نٽھڻ اُس ۾ پيپر ڏنو هو،  جنهن کانپوءِ وائس چانسلر اڄ نظير منڱڻيجو کي رجسٽرار جي عھدي تان هٽائي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
28%
4.1m/s
8%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون