- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت شهرين کي غير منصفاڻي ڀاڙن کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي، موڪلن بعد واپسي تي ڪنهن به مسافر کي اضافي ڀاڙو ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپورٽ کاتي موجب، مهم سڄي صوبي ۽ ملڪ جي مختلف هنڌن کان مسافرن جي واپسي دوران جاري رهندي، مهم ۾ ضلعي انتظاميا، پوليس، ٽريفڪ پوليس، نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس مدد ڪندا.
ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته مهم جو مقصد موڪلن بعد واپسي تي مسافرن کان اضافي ڀاڙو وصول نه ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، واڌو ڀاڙو اوڳاڙي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي غير منصفاڻي ڀاڙن کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي، موڪلن بعد واپسي تي ڪنهن به مسافر کي اضافي ڀاڙو ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ سندن گڏيل ڪوششون مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائينديون.- Advertisement -
