تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ته تبديل ڇو ڪيو ويندو، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي، پ پ هر سياسي پارٽي سان ڳالهين جي حامي رهي آهي. ڪراچيءَ پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف ۽ باني کي وارداتن جو حساب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته مقبول ترين ليڊر کي 14 سال سزا ٿي، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ڪوبه ٻاهر نه نڪتو، 9مئي 2023ع تي جڏهن هو گرفتار ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ ماڻهو نڪري آيا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف باني جي گرفتاريءَ تي بسن کي باهه ڏني ويندي آهي، کيس سزا ملي ته سڄي ملڪ ۾ ڪوبه ٻاهر نه نڪتو. هن چيو ته سزا وقت تحريڪ انصاف باني جيل ۾ هو، پيغام پهچائڻ وارو ڪوبه نه هو، پي ٽي آءِ باني بيگناهه آهي ته عدالتون کيس آزاد ڪنديون، جيڪڏهن بيڏوهي ناهي ته عدالتن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف باني کي 2018ع جي چونڊن بعد تاريخي ڪامياب ڪرايو ويو، هي مخالفن کي چور ۽ پاڻ کي ايماندار چوندو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبرپختونخوا بي آر ٽي ۾ 7 ارب رپين جي ڪڪ بيڪس ورتي وئي، کيس خبر هئي ته نيب ۽ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي ته چوري پڪڙجي پوندي، هنن سپريم ڪورٽ ۾ بي آر ٽي تي 3 ڀيرا اسٽي ورتو. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته عدالت ۾ چئي رهيو هو ته سندس خلاف نيب ۽ ايف آءِ کي روڪيو وڃي، ڪوڙي خبر ذريعي ڪنهن ماڻهو جو پٽڪو لاهڻ درست ڳالهه  ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوڙيون خبرون هلنديون رهنديون آهن، وي لاگر ۽ ٽڪ ٽاڪر خبرون هلائيندا آهن، قائم علي شاهه سٺو ڪم ڪيو ۽ مراد علي شاهه به بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ميڊيا تي وڏي وزير جي تبديلي بابت ٽڪ ٽاڪر ۽ وي لاگر ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، وڏو وزير مراد علي شاهه سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ته تبديل ڇو ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبائي ڪابينا کي هنن پرپوزل ڏنو آهي ته پيپلزبس تان سبسڊي ختم ڪئي وڃي يا گهٽ ڪريو، جيڪي پيسا بچندا هو وڌيڪ بسون وٺندا، فيصلو ٿيو آهي ته وڌيڪ اي وي بسون خريد ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون