سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پرنس ڪريم آغا خان جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرنس ڪريم آغا خان هڪ عظيم مفڪر ۽ انسانيت جو خادم هو، جنهن دنيا جي ڀلائي لاءِ بيشمار خدمتون سرانجام ڏنيون.
هن چيو ته پرنس ڪريم آغا خان جون سماجي خدمتون، انسانيت سان محبت ۽ تعليم ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڏک جي هن گھڙي ۾ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت اسماعيلي برادري سان گڏ آهي.