تازه ترين

شرجيل انعام ميمڻ پنجاب حڪومت جي رضوان رضي جي حمايت ۾ مهم کي افسوس جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنجاب حڪومت طرفان رضوان رضي جي حمايت ۾ مهم کي افسوس جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته مسلم ليگ نون ۽ پنجاب حڪومت هڪ بيمار شخص جي حمايت ۾ مهم هلائي رهي آهي، اهڙو رويو سنڌ صوبي لاءِ ناڪاري پيغام آهي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نون جي پنجاب حڪومت پنهنجي خراب ڪارڪردگي کان عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ دوران خراب حڪمت عملي ۽ تجربي جي کوٽ سبب پنجاب جو عوام ٻوڏ دوران ڏکيائين جو شڪار آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون