شرجيل انعام ميمڻ ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن بورڊ کان منظور ٿيل منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن بورڊ کان منظور ٿيل منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان سميتا افضل سيد،  سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، سليم خان، ڊائريڪٽر بي اينڊ ڊي معيز پيرزادي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ پراڊڪشن لاءِ مواد جي تياري ۽ بورڊ طرفان منظور ٿيل منصوبن جو جائزو ورتو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي قدمن جو مقصد سيمينا انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽  نئين ٽيلنٽ کي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. سينيئر صوبائي وزير چيو ته سمورا منصوبا ڏنل مدي ۾ مڪمل ڪيا ويندا ۽ ڪنهن به غير ضروري دير کان پاسو ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت اهي منصوبا عوام جي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجن قدمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شروع ڪري رهي آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته حڪومتي قدمن جي مشهوري ۽ عوامي آگاهي لاءِ جامع حڪمت عملي تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام سنڌ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه رهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
16%
0.6m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون