- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته شرم اچي ٿو ته هر فيصلو، مقرري ۽ ڪابينا جا فيصلا به بشريٰ بيبي ڪندي هئي.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته عجيب شيون سامهون اچي رهيون آهن، ڪيترن ئي ماڻهن اها ڪهاڻي ٻـُـڌي ۽ ان جي تصديق به ڪئي آهي.
هن چيوته هڪ اڻ چونڊيل عورت جي اشاري تي سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو، هوءَ حساس ادارن کان ڄاڻ وٺي چوندي هئي ته اها سندس روحاني اڳڪٿي آهي.
شيري رحمان چيو ته جيڪو پسند نه هجي ان کي برطرف ڪيو ويندو هو، شرم به اچي ٿو ڳڻتي به آهي ته ڳالهه ان حد تائين وڃي پهتي هئي، جهاز اڏامڻ جو وقت به بشريٰ بيبي طئه ڪندي هئي…………
- Advertisement -
