شنگهائي سهڪاري تنظيم جو تاريخي اجلاس سڀاڻي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، ايس سي او ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.
ايس سي او جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس سڀاڻي کان شروع ٿيندو.
اجلاس ۾ چين، روس ۽ بيلاروس سميت اٺن ملڪن جا وزيراعظم شرڪت ڪندا.
ايراني اول نائب صدر ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير به تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
ايس سي او ڪانفرنس بابت اسلام آباد شهر ۾ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا آهن، ميٽرو بس سروس اڄ کان 17 آڪٽوبر تائين بند رهندي.
هن چيو ته اسلام آباد پوليس ٽريفڪ پلان به جاري ڪيو آهي.