- Advertisement -
شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر پاڪستان جو دورو ڪندو.
ڀارتي پرڏيهي آفيس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وزير جئه شنڪر جو دورو شيڊيول ڪيو ويو آهي.
اهو 9 ورهين کانپوءِ ڪنهن به ڀارتي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو.
ڀارتي پرڏيهي وزير جي آمد واري اعلان تي اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو ته کين جئه شنڪر جي دوري کي هاڪاري وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايس سي او سمٽ جي پنهنجي اهميت آهي.
هن چيو ته هو ڀارتي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد واري فيصلي جي واکاڻ ڪرڻ چاهن ٿا، ايس سي او جو اجلاس اهم آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ ان جي اهميت وڌي وئي آهي.
شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس پندرهن ۽ سورهن آڪٽوبر تائين پاڪستان ۾ رٿيل آهي.- Advertisement -
