وزيراعظم جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ ن ليگ جي قائد نوازشريف، نامزد آصف علي زرداري، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل عاصم منير، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، چئني صوبن جي گورنرن توڙي وڏن وزيرن، ايم اين ايز ۽ مختلف ملڪن جي سفارتڪار سميت ٻين شرڪت ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ شهبازشريف کي قسم کڻايو.
قسم کڻڻ بعد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن شهبازشريف کي واڌايون ڏنيون.
وزيراعظم طور قسم کڻڻ بعد شهبازشريف کي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪ فوج طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
بعد ۾ شهبازشريف جو آفيس عملي سان تعارف ڪرايو ويو………