صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ کانپوءِوزيراعظم شهباز شريف به آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ خصوصي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اڄ صبح پي ايم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ آزاد ڪشمير حڪومت ۽ گھرو وزارت جي نمائندن سميت ٻيا اهم عملدار شريڪ ٿيندا، خصوصي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال جي حل لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويندو.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو هو ته بدقسمتيءَ سان اهڙي صورتحال ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي پر احتجاج جي نالي تي قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
ٻي طرف ن ليگ آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جو وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ٿيو.
رابطي دوران شهباز شريف مسلم ليگ ن ڪارڪنن کي ڳالهين جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، بدقستيءَ سان ڏڦيڙ جي صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو سياست چمڪائي رهيا آهن.
هن چيو ته قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.