تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ خصوصي اجلاس طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ کانپوءِوزيراعظم شهباز شريف به آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ خصوصي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اڄ صبح پي ايم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ آزاد ڪشمير حڪومت ۽ گھرو وزارت جي نمائندن سميت ٻيا اهم عملدار شريڪ ٿيندا، خصوصي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال جي حل لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو هو ته بدقسمتيءَ سان اهڙي صورتحال ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي پر احتجاج جي نالي تي قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ٻي طرف ن ليگ آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جو وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ٿيو. رابطي دوران شهباز شريف مسلم ليگ ن ڪارڪنن کي ڳالهين جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي،  بدقستيءَ سان ڏڦيڙ جي صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو سياست چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون