تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف جا سپاهي آهن : مريم نواز

- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف جا سپاهي آهن، حڪومت ته نواز شريف جي آهي، جڏهن به مسلم ليگ نون جي حڪومت آئي آهي ته سازش ڪري هٽايو ويندو آهي، حڪومت پنج سال پورا ڪندي ته پاڪستان ۽ پنجاب تبديل نظر ايندو، جڏهن سياسي بنياد تي پوليس جي پوليسنگ ٿيندي ته پوليس پرفارم نه ڪندي، سياسي مفاد بدران پنجاب جي ماڻهن جو مفاد وڌيڪ پيارو آهي، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو ڪيو ويندو، نوجوانن لاءِ ٽيڪنيڪل تعليم شروع ڪئي وئي آهي. ڦول نگر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي،  ايندڙ ڪڻڪ جي فصل کان اڳ آبادگارن لاءِ 400 ارب رپين جي پئڪيج تي عمل ڪيو ويندو، پنجاب ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ حڪومت پنج سال پورا ڪري وئي ته پاڪستان ۽ پنجاب تبديل نظر ايندو، شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف جا سپاهي آهن، حڪومت ته نواز شريف جي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته جڏهن به مسلم ليگ نون جي حڪومت آئي آهي سازش ذريعي ختم ڪئي ويندي آهي، هاڻي نواز شريف جي چوٿون ڀيرو حڪومت ۾ ترقي جو سفر شروع ٿيو آهي، ان کي رڪجڻ ناهي ڏيڻو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.3 ° C
17.3 °
17.3 °
38 %
2.2kmh
71 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون