تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف جا سپاهي آهن : مريم نواز

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف جا سپاهي آهن، حڪومت ته نواز شريف جي آهي، جڏهن به مسلم ليگ نون جي حڪومت آئي آهي ته سازش ڪري هٽايو ويندو آهي، حڪومت پنج سال پورا ڪندي ته پاڪستان ۽ پنجاب تبديل نظر ايندو، جڏهن سياسي بنياد تي پوليس جي پوليسنگ ٿيندي ته پوليس پرفارم نه ڪندي، سياسي مفاد بدران پنجاب جي ماڻهن جو مفاد وڌيڪ پيارو آهي، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو ڪيو ويندو، نوجوانن لاءِ ٽيڪنيڪل تعليم شروع ڪئي وئي آهي.

ڦول نگر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي،  ايندڙ ڪڻڪ جي فصل کان اڳ آبادگارن لاءِ 400 ارب رپين جي پئڪيج تي عمل ڪيو ويندو، پنجاب ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ن ليگ حڪومت پنج سال پورا ڪري وئي ته پاڪستان ۽ پنجاب تبديل نظر ايندو، شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف جا سپاهي آهن، حڪومت ته نواز شريف جي آهي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته جڏهن به مسلم ليگ نون جي حڪومت آئي آهي سازش ذريعي ختم ڪئي ويندي آهي، هاڻي نواز شريف جي چوٿون ڀيرو حڪومت ۾ ترقي جو سفر شروع ٿيو آهي، ان کي رڪجڻ ناهي ڏيڻو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
5.1 ° C
5.1 °
5.1 °
29 %
0.4kmh
0 %
خميس
5 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون