- Advertisement -
شهداد ڪوٽ ۾دڪاندار کان ڦر دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ٻه ڦورو مارجي ويا.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ٽن هٿياربندن دڪاندار کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿي پيو.
مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار عبدالرسول سومرو شهيد ٿي ويو.
پوليس شهيد اهلڪار ۽ مارجي ويل ڦورن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.- Advertisement -
