شهدادڪوٽ ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر سبب بلوچستان واسي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
رات دير سان لاڙڪاڻو- قمبر روڊ تي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ بروهي برادري جا 2 نوجوان امتياز بروهي ۽ رمضان بروهي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي آئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي بلوچستان جي علائقي خضدار جا رهواسي آهن جيڪي لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار بڻيا.