شهدادڪوٽ ۾ اناج منڊي جي واپاري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي

- Advertisement -
شهدادڪوٽ ۾ اناج منڊي جي واپاري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، شهرين پاران ٿاڻي اڳيان رنڊڪون وجهي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سيلرا واسي اناج جي واپاري محمد وارث سيلرو ڳوٺ کان منڊي اچي رهيو هو ته قمبراڻي باءِ پاس وٽان ڪار سوار هٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شهرين ۽ سيلرا برادري جي ماڻهن پيڇو ڪري ساسولي پڪٽ وٽ ڪار سوار هٿياربندن کي روڪي واپاري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ٿاڻي تي پهچايو. شهرين ۽ سيلرا برداري جي ماڻهن ڊاڪٽر برڪت سيلرو، الهداد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٿاڻي اڳيان رنڊڪون وجهي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته افغاني پٺاڻ واپاري محمد وارث سيلرو کي اغوا ڪري بلوچستان کڻي وڃي رهيا هئا، شهرين ۽ برادري جي ماڻهن واپاري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس موجب، واقعو ڏيتي ليتي تان پيش آيو آهي، واپاري کي اغوا ڪندڙن جو تعلق بلوچستان سان آهي جيڪي پٺاڻ ٻڌايا پيا وڃن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
38%
3.7m/s
40%
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون