تازه ترين

شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو

- Advertisement -
شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، گدا حسين شاهه  جو مڙهه لاڙڪاڻي کان اباڻي شهر آندو ويو. زخمي ٿيل پوليس اهلڪار گدا حسين شاهه لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. رات دير سان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزي منڊي وٽان چيڪنگ دوران هٿياربندن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار گدا حسين شاهه   ۽ ڊرائيور شير محمد جتوئي زخمي ٿي پيا هئا. ٻنهي زخمين کي شهدادڪوٽ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي نيو ويو جتي گدا حسين شاهه   علاج دورام دم ڏئي ڇڏيو پوليس اهلڪار جي شهيد ٿيڻ جي خبر پوڻ تي سندس جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، مقتول اهلڪار جو مڙهه شھدادڪوٽ آندو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون