تازه ترين

شهداپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

شهداپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

3 ڏينهن اڳ ڳوٺ شير خان لغاري واسي پورهيت قربان علي لغاري بجلي جي تار ۾ ڦاسي پوڻ ڪري ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو.

قربان علي لغاري کي سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

پورهيت قربان علي لغاري جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون