تازه ترين

شهري علائقن کي ڪنهن به صورت نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي: مقبول باقر

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته شهري علائقن کي ڪنهن به صورت نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا.

 سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان خالد مقبول صديقي جي سربراهيءَ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 3 رڪني وفد ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران شهري علائقن جي مسئلن ۽ ترقي تي ڳالهيون ڪيون ويون، متحده جي وفد نگران وڏي وزير کي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي  جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم، منشيات ۽ بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس کي واضح حڪم جاري ڪيا آهن.

هن چيو ته سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي  بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، اميد ته سٺا نتيجا نڪراندا.

نگران وڏي وزير چيو ته نگران حڪومت جو اصل ڪم اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، سنڌ سرڪار اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور سهڪار ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون