تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي محروم، مظلوم طبقي جو آواز آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس 98هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪئي، سندس چوڻ آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي محروم، مظلوم ۽ پٺتي پيل طبقن جو لازوال آواز آهي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي وقار، سڃاڻپ ۽ اميد ڏني، قائد عوام اها انقلابي سوچ متعارف ڪرائي ته اصل طاقت جو سرچشمو عوام آهي. سندس چوڻ هو ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جي فلسفي کان 1973ع جي متفقه آئين تائين شهيد ڀٽو غريب عوام جي خوابن کي رياستي ايجنڊا بڻايو. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي شڪست نه جوڳي دفاع جو بنياد به شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪري رکيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت سندس نظرين کي خاموش نه ڪري سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام جا نظريا اڄ به نسل کان نسل ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد جو حوصلو عطا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تي پيپلزپارٽي ڪاربند آهي، شهيد ڀٽو هر ان آواز ۾ زنده آهي جيڪو حقن جي ڳالهه ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون