- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي قيادت پاڪستان جي قومي سياست تي گهرا اثر ڇڏيا.
صدر آصف علي زرداري طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين جنم ڏهاڙي تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته 1973ع وارو آئين شهيد ڀٽو جي قيادت جو تاريخي ڪارنامو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو محروم طبقن کي آواز ڏنو ۽ سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو زرعي سڌارن ۽ مزدورن جي تحفظ ذريعي عوام کي بااختيار بڻايو.
هن جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو اهم معمار هو.
صدر زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو پاڪستان جي خودمختياري دفاعي صلاحيت جو بنياد رکيو.
سندس چوڻ هو ته 1974ع جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس اسلامي دنيا کي متحد ڪيو.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو جو عزم، حوصلو ۽ جمهوري اقدار سان وابستگي مشعل راهه آهي.
صدر جو چوڻ هو ته قومي اتفاق راءِ اڄ پهريان کان وڌيڪ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽو جي جمهوري ۽ روشن پاڪستان جي ويزن کي اڳتي وڌائيندا.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو جي ميراث امن، خوشحالي ۽ قومي اتحاد جي اڳواڻي ڪندي رهندي.
- Advertisement -
