- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو عوام لاءِ سياست ڪئي، بينظير ڀٽو جي مشن کي آصف علي زرداري اڳتي وڌايو، ٻيون پارٽيون اشرافيه کي سهولت ڏينديون آهن، رڳو پيپلزپارٽي عوام لاءِ سياست ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو ته اوهان جون پگهارون ٻيڻيون ڪندو، هو واعدو ڪن ٿا ته 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪندا.
حيدرآباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي عوام ۽ پيپلزپارٽي جي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته اڄ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي اوهان وٽ پهتي آهي، پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي.
اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو عوام لاءِ سياست ڪئي، بينظير ڀٽو جي مشن کي آصف علي زرداري اڳتي وڌايو.
هن چيو ته ٻيون پارٽيون اشرافيه کي سهولت ڏينديون آهن، رڳو پيپلزپارٽي عوام لاءِ سياست ڪري رهي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو ته اوهان جون پگهارون ٻيڻيون ڪندو، هو واعدو ڪن ٿا ته 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪندا.- Advertisement -
