سکر پوليس شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪندي چئن شڪين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
سکر پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته الف ڪچي شاهه ٻيلي ۾ آپريشن ڪندي چئن شڪي ماڻهن حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
پوليس ترجمان موجب، قاتلن جي ٺڪاڻن تائين پهچڻ لاءِ عارضي رستا قائم ڪيا ويا آهن، عارضي رستن ذريعي قاتلن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي.
هن چيو ته ٻيڙين جي اچ وڃ روڪي پتڻن تي پوليس ٻيهاري ڇڏي آهي، بڪتر بند گاڏين ۽ جديد هٿيارن سان آپريشن ۾ حصو ورتو پيو وڃي.
سکر پوليس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته جلد قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.