- Advertisement -
شهيد عوام محمد فاضل راهو جي 37هين ورسي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نوجوانن پاران زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
بدين، راهوڪي ۽ ڪڙيو گهنور سميت ٻين علائقن جي نوجوانن شهيد عوام محمد فاضل راهو کي سندس 37هين ورسي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هزارين ٽوئيٽس ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
عادل راهو جو چوڻ آهي ته اڄ رات 12 وڳي تائين شهيد عوام محمد فاضل راهو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هي سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم يوز ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
