شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد جي چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته صدر آصف زرداري، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، آرمي چيف جنرل عاصم منير به شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنازي نماز ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن، سول آفيسرن، شهيدن جي مٽن مائٽن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، چڪلالا گيريزن ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي وارثن کي ڳلي لڳائي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت ڪئي.
ڇنڇر ڏينهن اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد سميت ست جوان وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿي ويا هئا.