شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد جي چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ جنازي نماز ادا

- Advertisement -
شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد جي چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته صدر آصف زرداري، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، آرمي چيف جنرل عاصم منير به شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنازي نماز ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن، سول آفيسرن، شهيدن جي مٽن مائٽن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، چڪلالا گيريزن ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي وارثن کي ڳلي لڳائي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت ڪئي. ڇنڇر ڏينهن اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد سميت ست جوان وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
26%
5.4m/s
4%
سُومر
23 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون