ملڪ مان غربت ۽ معاشي بدحالي جو خاتمو محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو : آصف علي زرداري

- Advertisement -
اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه جي مشن موجب خودمختيار پاڪستان، بااختيار پارليامينٽ ۽ آئين جي حڪمراني لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي  تي جاري ڪيل پيغام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ مان غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي جو خاتمو محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو مشن هو، جنهن کي مڪمل  ڪرڻ  پيپلزپارٽي جي پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي خوف ۽ دهشت خلاف مزاحمت جو علم بلند ڪيو، شهيد راڻي آمرن کان به نه ڊني. اڳوڻي صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي بهادري پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي ميراث آهي. هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال کان پاڪ پاڪستان هوندو. اڳوڻي صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو فلسفو هو ته پورهيت ۽ هاري خوشحال هوندا ته پاڪستان خوشحال هوندو. آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي نوجوانن جي بهترين مستقبل جي ضمانت ڏئي ٿي ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون