ميرپور ماٿيلي جي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ٿي وئي، رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.
جاچ آفيسر سراج لاشاري رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
رپورٽ جائزي بعد سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب رپورٽ ۾ ايم اين اي خالد لنڊ کي آجو قرار ڏيندي سندس ٻنهي پٽن شهباز ۽ نور محمد کي قتل جي رٿابندي ڪندڙ قرار ڏنو ويو آهي.
ذرين موجب صحافي نصر الله جي قتل ۾ نور محمد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ سندن مينيجر عبدالله لنڊ قتل جي رٿابندي ڪرڻ ۾ ملوث آهن، صحافي جي قتل ۾ اصغر لنڊ سندس ڀاءُ برڪت لنڊ سڌو سنئون ملوث آهن.