شهيد ڀٽو ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ اڄ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽو ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ اڄ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ملڪ اڳتي ويندو،  عدالتي نظام هجي يا جمهوري نظام ترقي ڪندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻ بعد وڪيلن سان مشوري بعد تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته شهيد ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو ناهي ڏنو ويو، 44 ورهين کانپوءِ تاريخ درست ٿيڻ پئي وڃي. هن چيو ته، عدالت واضح ڪيو ته ماضي جي غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ٻڌائي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عدالت تي لڳل ان داغ سبب ماڻهن جو خيال هو ته انصاف ملڻ مشڪل ٿي ويندو، فيصلي کانپوءِ اميد آهي ته نظام صحيح رخ ۾ هلڻ شروع ٿي ويندو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
25%
5.8m/s
24%
سُومر
24 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون