شيخ ڀرڪيو ويجهو نانگ ڪکيل نوجوان اسپتال ۾ ويڪسين نه هجڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ چکي ۾ 25 ورهين جو ساجن ميگهواڙ نانگ ڪکڻ سبب بيهوش ٿي ويو.
وارثن نوجوان کي کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نانگ جي زهر کان بچاءُ واري ويڪسين نه هجڻ سبب هو فوت ٿي ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته شيخ ڀرڪيو صحت مرڪز ۾ نانگ جي زهر کان بچاءُ واري ويڪسين نه هجڻ سبب نوجوان کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچيو ويو
