- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان اليڪشن ڪميشن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس جي بندش خلاف پٽيشن جمع ڪرائي ڇڏي.
پ پ اڳواڻ شيري رحمان اليڪشن ڪميشن لاهور جي مرڪزي آفيس ۾ پٽيشن جمع ڪرائي.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته چونڊن ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائل نيٽ ورڪ بند ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
هن چيو ته ، سندن ڪميونيڪيشن جو نظام انٽرنيٽ تي آهي، اليڪشن جي ڏينهن رابطو لازمي هوندو آهي، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون بند هجڻ سبب پولنگ ايجنٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا.- Advertisement -
