پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان 18 آڪٽوبر ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪار ساز سانحي کي 16 سال گذري ويا آهن پر ان حملي جا زخم اڄ به تازا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪارساز سانحو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگرد حملو هو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا 180 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هيا.
پ پ سينيٽر چيو ته پهرين بم ڌماڪي کان پوءِ پارٽي ڪارڪنن ۽ جيالن پنهنجون جانيون بچائڻ بدران انساني ڍال بڻجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت ڪئي.
هن چيو ته ڪارساز حملي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اليڪشن کان پري رهڻ لاءِ خبردار ڪيو ويو هو، پر شهيد ڀٽو جي ڌيءَ ڊڄڻ بدران جمهوريت ۽ عوام جي تحفظ لاءِ چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
شيري رحمان چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 16 سالن کانپوءِ به اڄ وري ساڳي جاءِ تي بيهي عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته 16 پهريان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪي ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهي هئي، اڄ به ملڪي ۽ عوامي مسئلن جو واحد حل عام چونڊون آهن.