تازه ترين

شير افضل سنجيده شخص ئي ناهي، پي ٽي آءِ وارن سان رابطو ڪرڻو هجي ها ته ڪنهن سنجيده ماڻهو  ذريعي رابطو ڪيو وڃي ها: فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته شير افضل سنجيده شخص ئي ناهي، پي ٽي آءِ وارن سان رابطو ڪرڻو هجي ها ته ڪنهن سنجيده ماڻهو  ذريعي رابطو ڪيو وڃي ها. شير افضل مروت جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شير افضل مروت طرفان رابطو ڪرڻ جي دعويٰ غير سنجيده ۽ ٻاراڻي آهي. هن چيو ته  پي ٽي آءِ وارن کي خبر پئجي وئي ته هاڻي سندن حڪومت نه ٺهي رهي آهي، ڪڏهن چون ٿا ته 60 سيٽون آهن، کين خبر ئي ناهي ته ڪيتريون سيٽون کٽيون آهن. سندس چوڻ هو ته هو خواب ڏسي رهيا آهن ته 150 سيٽون کٽيون ويون آهن، خواهشن ۽ خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي ناهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ کي سنجيده موقف ڏيڻو آهي ته ڪنهن سنجيده شخص کان ڏياريو وڃي. هن چيو ته شير افضل مروت ڪاميڊي شو ڪري سگهي ٿو پر سنجيده سياست نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته شير افضل کي خواب ۾ به آصف زرداري ئي نظر اچي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
31 %
5.4kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون