تازه ترين

شير افضل مروت يا ڪنهن ٻئي شخص کي ڳالهين بابت بيان جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي : صاحبزاده حامد رضا

- Advertisement -
حڪومت سان مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته شير افضل مروت کي ڳالهين بابت بيان جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، تحريڪ انصاف باني جون واضح هدايتون ملي ويون آهن ته 9 مئي ۽ 26 نومبر بابت جيڪڏهن ڪميشن نٿي جوڙي وڃي ته ٽئين ويهڪ کانسواءِ ڳالهين واري ٽيم وڌيڪ ڪنهن اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيندي. جاري ڪيل بيان ۾  صاحبزاده حامد رضا چيو ته سلمان اڪرم رجا ڳالهين بابت صحيح پوزيشن بيان ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني جون به اهي ئي هدايتون آهن ته ڳالهين واري ڪميٽي جو سربراهه، ترجمان ۽ ميمبرن کانسواءِ ڪوبه پاليسي بيان جاري نٿو ڪري سگهي. مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان صاحبزاده حامد رضا چيو ته شير افضل مروت يا ڪنهن ٻئي شخص کي ڳالهين بابت بيان جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، شير افضل جي بيان کي پاليسي بيان نه سمجهيو وڃي. صاحبزاده حامد رضا چيو ته هو پنهنجي شهيدن، زخمين ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪوبه ٺاهه نه ڪندا، سندن طرفان نه ئي ڳالهين واري ڪميٽي جي راند کيڏي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون