تازه ترين

شڪارپور: بدامني خلاف شٽر بند هڙتال، ريلي

شڪارپور ۾ بدامني، دڪاندارن کان ڦر ۽ ڌاڙن خلاف شٽر بند هڙتال ڪري شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

شهر ۾ هڙتال سبب سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته واپارين، دڪاندارن، شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران سميع الله شيخ، بلال ميمڻ، سرفراز پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور جي واپارين، دڪاندارن ۽ شھرين کي ڏوھارين حوالي ڪيو ويو آهي ۽ پوليس غائب آھي.

هنن چيو ته ڏوھاري سرعام وچ شھر مان ڌاڙا ھڻي وڃن ٿا پر پوليس ٿاڻن تائين محدود آھي، شڪارپور شھر کي شڪارگاھه بڻايو ويو آھي ڪٿي به پوليس نظر نٿي اچي.

سندن چوڻ هو ته شھر جي بازارن ۾ خريدار ۽ دڪاندار محفوظ ناھن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي.

احتجاج ڪندڙن آ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته ٿيل وارداتن جا جوابدار گرفتار ڪري امن ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڀئي دڪاندار دڪانن جون چاٻيون ايس ايس پي آفيس ۾ احتجاجي طور جمع ڪرائيندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون