تازه ترين

شڪارپور جي ريلوي ڦاٽڪ ويجهو مبينا پوليس مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا

شڪارپور پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي ماري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ شهري به زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ڪڻڪ شاهه پير وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهارين جي صدورو پٽ سڌير ساريو ۽ ساجد پٽ جان محمد شيخ طور سڃاڻپ ٿي.

پوليس ترجمان موجب، پوليس موجب، ڏوھاري صدورو ساريو ميراڻي پاڙي ۽ ساجد شيخ دامن شاھ پاڙي جو رھواسي هو، سندن لاش اسپتال آندا ويا آهن جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ھڪ شھري غلام ياسين جکرو به معمولي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
54 %
1.5kmh
67 %
خميس
25 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون