- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار آدم خان کي عمر قيد ۽ ٻه لک رپيا ڏنڊ ۽ 5 لک رپيا خون بها ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ساڳئي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن سعيد خان، قمر الدين، ساجن جعفري کي باعزت بري ڪيو ويو.
واضح رهي ته پنج سال اڳ ڳوٺ هيرالدين جعفري ۾ جوابدار آدم خان پنهنجي سڳي پيءُ کي بيدردي سان قتل ڪيو هو.- Advertisement -
