تازه ترين

شڪارپور: حساس ادارن جو پوليس انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، ڏوهاري خيرو تيغاڻي گرفتار

- Advertisement -
حساس ادارن ۽  شڪارپور پوليس ڳجهي اطلاع تي پنجاب جي شهر رحيم يار خان  ۾ ڪارروائي ڪري ڏوهاري خيرو تيغاڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ڏوهاري خيرو تيغاڻي پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ٿيل هو. حساس ادارن ۽ شڪارپور پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري   ڏوهاري خيرو تيغاڻي کي رحيم يار خان جي اسپتال مان گرفتار ڪيو. ڏوهاري خيرو تيغاڻي تي سرڪار طرفان زنده يا مرده گرفتاريءَ تي 70 لک رپيا انعام پڻ رکيل هو. ڏوهاري خيرو تيغاڻي، ڊي ايس پي ۽ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث ۽ 40 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. خيرو تيغاڻي جهنگل تيغاڻي کانپوءِ ڪچي جو وڏو ڏوهاري هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
18 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
3.2kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون