- Advertisement -
شڪارپور پوليس 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻين اهلڪارن کي بازياب نه ڪرائي سگهي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر طرفان مغوي پوليس اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ ڏنل مهلت جو به اڄ آخري ڏينهن آهي.
شڪارپور پوليس، ڌاڙيلن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڪچي ۾ اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ آپريشن شروع نه ڪري سگهي جڏهن ته پوليس ڪوٽ شاهو ٿاڻي تائين محدود آهي.
اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس پاران جتوئي برادريءَ جي معزز سان رابطا جاري آهن جڏهن ته ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ ڊيڊلاڪ برقرار آهي.
ڌاڙيل پنهنجي ساٿي مهر بڊاڻي جي آزاديءَ تائين مغوي اهلڪارن کي آزاد نه ڪرڻ تي بضد آهن.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ۽ رينجرز جا اعليٰ آفيسر به شڪارپور ۾ موجود آهن.- Advertisement -
