تازه ترين

شڪارپور پوليس ٻن مغوين کي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

شڪارپور پوليس بگٽي برادري جي ٻن مغوين کي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.

پوليس موجب ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ھٿياربندن ھٿان چار ڏينھن اغوا ڪيل ڊيرا بگٽي واسي مزدا سوار احمد حسين بگٽي ۽ محمد حسين بگٽي کي بازياب ڪرايو ويو آھي.

ٻئي پاسي مغوين جي بازيابي لاءِ جتوئي ۽ تيغاڻي برادري جا چڱامڙس ڪوششن ۾ پڻ ھئا،  علائقي واسين جو چوڻ آھي ته مغوين جي بازيابي ۾  تَر جي سردارن جو اھم ڪردار آھي.

چار ڏينھن اڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد نيشنل ھاءِ وي تي ڌاڙيلن ڪاھ ڪري ٽن مزدا سوارن بھادر خان بگٽي، علي خان بگٽي ۽ عبدالواحد بگٽي کي قتل ڪرڻ بعد ٻن ڄڻن احمد حسين ۽ محمد حسين کي اغوا ڪري ويا ھئا.

ٻي طرف مغوين جي بازيابي تي بگٽي برادري ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آھي، ايس ايس پي آفيس مان مغوين کي وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن بعد مغوي احمد حسين بگٽي ۽ محمد حسين بگٽي کي لکي غلام شاھ نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻي تي آندو ويو جنھن بعد بگٽي برادري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
32 %
1kmh
7 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون