- Advertisement -
شڪارپور پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو.
ٽي ڏينهن اڳ امداد بروهي ۽ عبدالرزاق بروهي کي هٿياربند فيضو لاڙي وٽان لنڪ روڊ تان اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا هئا.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان، ڊي ايس پي خانپور ۽ ايس ايڇ او جي نگراني ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ٽيمون جوڙيون هيون.
پوليس ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن دوران ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڳڙهي تيغي جي ڪچي مان ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو.
وارثن مغوين جي حفاظت سان بازيابي تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان ۽ پوليس ٽيم جا ٿورا مڃيا.
ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي شڪارپور طرفان پوليس ٽيم لاءِ روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي.- Advertisement -
