شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 9 سال قيد ۽ 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار گهرام پهوڙ کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
2سال اڳ پوليس جوابدار کي منڇر قبرستان ۾ گرفتار ڪري سندس خلاف چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.
عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو.